سيد وڏل شاهه بخاري

سيد وڏل شاهه بخاري

سيد وڏل شاهه بخاري

سيد وڏل شاهه بخاري: سنڌ جو مايه ناز ڪيميائي سائنسدان، ڪيمسٽري شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو ذهين اُستاد، ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه بخاري، ڳوٺ امين لاکي، تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد (هن وقت تعلقي هالا، ضلعي مٽياري) ۾ 1939ع ڌاري جنم ورتو. سيد وڏل شاهه ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو محنتي ۽ اورچ هو. هن 1956ع ۾ سائنس گروپ ۾، فرسٽ ڊويزن ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ايس. سي (آنرز) ۾ پهريون نمبر کنيائين. 1963ع ۾ به سـنـدس مـحـنـت رنـگ لاتــو ۽ ايم. ايس. سي (ڪيمسٽري) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻي، پنهنجي استادن ۽ مائٽن جو مان وڌايائين، ساڳئي سال پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ جونيئر ليڪچرر جي حيثيت سان تدريسي ميدان ۾ قدم رکيائين ۽ مثالي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. سندس علم ۽ اخلاق کان هر عام ۽ خاص متاثر هو ۽ هر ڪو سندس عزت ۽ احترام ڪندو هو.
سيد وڏل شاهه پنهنجي علمي ذوق جي تڪميل لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندو رهيو. نيٺ کيس لياقتن جي بنياد تي سال 1964ع ۾، سائنس ۾ اعليٰ تعليم لاءِ چونڊي، لنڊن موڪليو ويو، جتان هُو آرگينڪ ڪيمسٽريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري، 1967ع ۾ وطن موٽي آيو. کيس موٽي اچڻ بعد تدريسي فرضن کانسواءِ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي معاملن جو انچارج به مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه، علمي ڪمن سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. سندس محبت، رواداري ۽ خلوص جي ڪري هر ماڻهو سندس احترام ڪندو هو. هن ڄامشوري ۾ رهندي مسجد ڪميٽي جوڙي، مختلف سرنديءَ وارن جي سهڪار ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي ’مسجد بلال‘ مڪمل ڪرائي، جيڪا اڄ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي زينت بڻيل آهي.
ڊاڪٽر وڏل شاهه بخاري، سچو هڏ ڏوکي ۽ پرخلوص انسان هو. فرضن جي بجا آوري، ايمانداريءَ سان ڪيائين. جيڪو ڪم کيس سپرد ڪيو ويو، احسن طريقي سان ڪيائين. سندس خلوص ۽ فرض شناسيءَ جي ڪري کيس ڪيتريون ذميواريون سونپيون ويون. مثال طور: 1972ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي اسپورٽس بورڊ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. ساڳئي سال کيس سينٽرل سائينٽيفڪ اسٽور جو به انچارج بنايو ويو. 1974ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ’سنڌ سائنس سوسائٽيءَ‘ جو ايسوسيئيٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. انهن مصروفيتن جي باوجود ڊاڪٽر صاحب تحقيق ۽ تصنيف جو سلسلو به جاري رکيو. جيئن ته کيس علمي کوجنا جو عشق جي حد تائين شوق هو، ان ڪري جڏهن به کيس ريسرچ ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ جو موقعو ملندو هو ته هڪدم هليو ويندو هو. 1969ع م هڪ سال ريسرچ جي سلسلي ۾ جپان ويو، جتي ڪيميڪل انجنيئرنگ ۾ کيس تحقيق ڪرڻ جو موقعو مليو. واپسيءَ بعد وري ڏينهن رات سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. هڪ طرف ڪيترن شاگردن کي پي. ايڇ. ڊي ۾ رهنمائي ڪندو رهيو ۽ رڳو سال 1975ع ۾ سندس رهنمائيءَ هيٺ پنجن لائق شاگردن پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ورتي ته ٻئي طرف هي ماهوار ’سائنس‘ رسالي جي ايڊيٽر جا فرض پڻ بجا آندا. ڊاڪٽر صاحب صبح کان شام تائين ليبارٽريءَ ۾ سائنسي تجربا ڪندو رهندو هو. خاص ڪري سائنس، ڪيمسٽريءَ بابت سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ ايڊٽ ڪيل ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه گوناگون مصروفيتن جي باوجود ڪجهه عرصي لاءِ 1972ع ۾ ريسرچ جي سلسلي ۾ ناروي ويو هو. اتان جي حڪومت ٻيهر کيس سائنسي تحقيق لاءِ فيلو شپ ڏيڻ منظور ڪئي. شاهه صاحب پنهنجي علمي ذوق ۽ کوجنا جي تڪميل لاءِ آگسٽ 1975ع جي آخري هفتي ۾ وري ٻيهر چئن مهينن لاءِ ناروي هليو ويو. اتي پنهنجي تحقيق ۽ کوجنا مڪمل ڪري ورتائين ۽ ڊسمبر جي 17 تاريخ ناروي مان روانو ٿيڻو هو ۽ واپسيءَ تي سير ڪندو، 29 ڊسمبر 1975ع تي وطن موٽڻو هو. 16 ڊسمبر تي ڊاڪٽر وڏل شاهه گهر وارن ۽ دوستن کي خط ذريعي پنهنجي واپسيءَ جي پروگرام کان مطلع به ڪيو هو. خطن مان محسوس ٿيو ٿي ته هو وطن موٽڻ لاءِ بيچين هو. ليڪن تقدير جي ستم ظريفي جو 16 ۽ 17 ڊسمبر واري رات وطن کان هزارين ميل پري، پرديس ۾ سنڌ جي هن ذهين انسان، اُڀرندڙ سائنسدان ۽ يونيورسٽيءَ جي سچي هڏ ڏوکيءَ کي ظالم موت هميشه لاءِ سنڌ ۽ عزيزن کان جدا ڪري ڇڏيو. سندس موت جو معمو اڄ تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، اهو به امڪان ڏيکاريو ويو هو ته کيس سندس ڪن معتصب همعصرن زهر ڏنو هو. بهرحال، ڊاڪٽر وڏل شاهه بخاريءَ جي اوچتي دردناڪ خبر تي يقين ڪرڻ لاءِ ڪا به دل ذهني طرح بلڪل تيار نه هئي. هر ڪنهن جي چهري تي اداسيءَ جا ڪڪر ڇانيل هئا.
25 ڊسمبر 1975ع، خميس جي ڏينهن، جيتوڻيڪ بانيءَ پاڪستان جي يوم ولادت جي ڪري سڄي ملڪ ۾ موڪل هئي، باوجود ان جي ماڻهن جا انبوهه، مارئي هاسٽل وٽ اچي گڏ ٿيا هئا. هر ڪو متجسس نظرن سان منتظر هو. جڏهن ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڊاڪٽر وڏل شاهه جو مڙهه آيو، ته ماڻهن جي اکين جا بند ٽُٽي پيا، مارئي هاسٽل آڏو شاگردياڻيون به هنجون هاري رهيون هيون. ڪانڌين جو قافلو انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽريءَ ڏانهن روانو ٿيو. اتان آخري منزل ڏانهن روانگي ٿي. بسن ۽ خانگي گاڏين ۾ سوين سوڳوار سيد وڏل شاهه جي اباڻي ڳوٺ ڏانهن روانا، اهڙيءَ طرح وفات جي نائين ڏينهن مرحوم ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه بخاريءَ کي، ڳوٺ امين لاکي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. (ماهوار ’سائنسجنوري 1976ع: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جي مضمون تان ورتل)


هن صفحي کي شيئر ڪريو